سرهائيءَ جي سوڀ

سرهائيءَ جي سوڀ

سرهائيءَ جي سوڀ

سرهائيءَ جي سوڀ (ڪتاب): هي ڪتاب مشهور فلاسافر برٽرينڊ رسل جي مشهور ڪتاب ‘Victory of Happiness’ جو ترجمو آهي، جيڪو اُستاد ۽ اديب غلام علي چنا ڪيو آهي. هي ڪتاب نفسيات جي موضوع تي آهي ۽ دنيا جي ڪيترين ٻولين ۾ ترجمو ٿي لکن جي تعداد ۾ ڇپجي چڪو آهي. هي ڪتاب انسانن کي پرمسرت زندگي گذارڻ جو ڍنگ سيکاري ٿو ۽ انهن کي مايوسـيءَ ۽ نراسائيءَ ۽ بيزاريءَ جي ڌٻڻ مان ڪڍي، خوشدلي، خوش خيالي ۽ سرهائيءَ جو رستو ڏيکاري ٿو ۽ مسئلن سان منهن ڏيڻ جو رستو ڏيکاري ٿو. ڊيمي سائيز جي 178 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، ڪنول پبليڪيشن قنبر، جولاءِ 2005ع ۾ ڇپايو آهي ۽ ان جو ملهه 80 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو